شمع سنڌي

شمع سنڌي

شمع سنڌي

شمع سنڌي: ٽي. وي ۽ اسٽيج جي مشهور اداڪاره شمع سنڌي،7 نومبر 1988ع تي وحدت ڪالوني حيدرآباد ۾ پيار علي جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول وحدت ڪالوني مان، مئٽرڪ 1999ع ۾ گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول قـاســم آبـاد، انـٽــر 2001ع ۾ گورنمينٽ گرلس ڪاليج قاسم آباد مان پاس ڪيائين. فن جي دنيا ۾ 1997ع کان شروعات ڪيائين. کيس مزاحيه فنڪار ۽ ڊائريڪٽر منان عباسي (ماما لالو) ڪي. ٽي. اين تــان نـشــر ٿيـنـدڙ مـزاحيـه سيـريـل ‘ماما لالو‘’ ۾ متعارف ڪرايو. جنهن ۾ ‘راڌا باگڙياڻي’ جي ڪردار ذريعي سموري سنڌ ۾ سڃاڻپ ملي. هن فن جي سکيا، اداڪار ۽ ڊائريڪٽر يونس سنائيءَ کان حاصل ڪئي.
شمع سنڌي، سنڌ جي مختلف شهرن جي ميلن ملاکڙن ۽ اسٽيج تي 2000 کان وڌيڪ ڊرامن ۾ پنهنجي اداڪاري صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو آهي. ان کان علاوه مهراڻ ٽي. وي تان مزاحيه پروگرام ‘رامون راڌا’، جيڪو 2 سال کان وڌيڪ عرصي تائين هليو، جنهن ۾ کيس تمام گهڻي پذيرائي حاصل ٿي. جنهن ۾ ‘رامون’ جو ڪردار مشهور اداڪار ۽ ڊائريڪٽر مرتضيٰ مجبور ادا ڪيو. سندس مشهور ڊرامن ۾ ‘ماما لالو’، ‘پٿر جا ماڻهو’، ‘پنهنجا پراوا’، ‘سوڀ’، ‘ڏوراپو’ کان سواءِ آدم سريلو جو لکيل ڊرامو ‘ٻڪرو نمبر ون’ ۽ حيات علي شاهه جو تحرير ڪيل ڊرامو ‘عيد جو وڳو’ پڻ شامل آهن. جيڪي 2014ع ۾ مهراڻ ٽي. وي تان عيد جي موقعي تي نشر ڪيا ويا. ان کان سواءِ هن ‘هوشو’ ۽ ‘هيمون’ نالي فلمن ۾ به اداڪاري ڪئي. کيس فني صلاحيتن جي عيوض سال 2005ع ۾ ڪي. ٽي. اين پاران ‘بيسٽ مزاحيه اداڪاره’ جو اوارڊ ڏنو ويو. ان کان سواءِ ٻيا ڪيترائي اوارڊ کيس مليل آهن. هي هن وقت حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي ۽ پنهنجو فني سفر جاري رکيو اچي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1988.11.07  عيسوي

ٽي. وي ۽ اسٽيج جي مشهور اداڪاره شمع سنڌي،7 نومبر 1988ع تي وحدت ڪالوني حيدرآباد ۾ پيار علي جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دين محمد سيد
امجد سراج ميمڻ ڊاڪٽر
سيد صادق علي شاهه
بخاري سيد محسن شاهه
ڪشنداس چندرا آڏواڻي
گهرام فقير جتوئي
احسان دانش ڀٽو
سنت شري مامئي ڏيو
شاهنواز خان فيروزجنگ خطاب
ذوالفقار علي ڪلهوڙو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون